عشرت رحماني

عشرت رحماني

عشرت رحماني

عشرت رحماني: ناميارو ليکڪ، محقق، نقاد، ڊراما ، ناول نگار، شاعر ، براڊ ڪاسٽر ۽ اڳوڻو ريجنل ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان، عشرت رحماني 16 مارچ 1910ع ۾ رامپور يوپي (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو اسماعيل احمد خان هو، عشرت رحماني جو اصل نالو امتياز علي خان هو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان ڪراچي لڏي آيو ۽ اتي رهائش پذير ٿيو، هن عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو ۾ ملازمت سان ڪـئـي، جتي ترقـي ڪـندي ريـجـنل ڊائريڪٽر جي عهدي تائين پهتو. عشرت رحمانيءَ جا 100 کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ تمام گهڻا ڪتاب تاريخ ۽ سوانح تي مشتمل آهن. هن اردو ڊرامي جي تاريخ تي به گهڻو ڪم ڪيو. اردو ڊرامي جي تاريخ ۽ تنقيد تحرير ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾ حيات جوهر، مرزا غالب (سوانح)، زندگي يا موت، هوا ڪي دونش پر، بهادر شاهه ظفر (سوانح)، قائداعظم (سوانح)، برادران ملک (سوانح)، شهيد ملڪ (سوانح)، لياقت علي خان ڪي تقارير، 6 سيپٽمبر 1965ع، سلطان شهيد غازي، نواب سراج (سوانح)، الدولا (سوانح)، تذڪره مجاهدين، آغا حشر (سوانح)، شاعر ڪي جنت، هماري آزادي ڪي ڪهاڻي (5 جلد)، اڪابرين سياست اور عشرت رحماني (آتم ڪٿا) شامل آهن. هن 20 مارچ 1992ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه سوسائٽي قبرستان ڪراچيءَ ۾ آهي.


لفظ عشرت رحمانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.03.16  عيسوي

ناميارو ليکڪ، محقق، نقاد، ڊراما ، ناول نگار، شاعر ، براڊ ڪاسٽر ۽ اڳوڻو ريجنل ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان، عشرت رحماني 16 مارچ 1910ع ۾ رامپور يوپي (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو.


1992.03.20  عيسوي

عشرت رحماني 20 مارچ 1992ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه سوسائٽي قبرستان ڪراچيءَ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فرزانه پنهور
بخشل باغي
سوامي هردارام
جمالي رفيق احمد
سيد گل محمد شاهه لڪياري
زاهد حسين
پيرزادو شريف الدين
سر ڪائوسجي جهانگير1 CSI
الهڏنو فقير ماڇي
سيد محمد عالم شاهه عالم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون